پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 200 ملين ڊالر ملڻ جو امڪان آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي لچڪدار ۽ پائيدار سهولتن واري پروگرام تحت 200 ملين ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب واشنگٽن ۾ ٿيندڙ عالمي مالياتي اجلاس ۾ ڪلائميٽ فنانسنگ تي پيش رفت جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ عالمي سطح تي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عملي قدمن تي زور ڏنو ويو آهي.

ان حوالي سان پاڪستان موسمياتي ايڪشن لاءِ مالي وسيلن ۽ بجيٽ جي ترجيحن تي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي ۽ ماحولياتي منصوبن لاءِ عالمي مالياتي سهڪار وڌائڻ تي صلاح مشورا جاري آهن.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف بورڊ جو اهم اجلاس جمعي تي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان بابت اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.

حڪومت ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قومي بجيٽ ۾ موسمياتي پاليسي کي اوليت ڏني وئي آهي ۽ وسيلن جي ورهاست کي به ترجيح ڏني وئي آهي.

ياد رهي ته عالمي مالياتي ادارا ترقي پذير ملڪن لاءِ ماحولياتي فنڊنگ تي زور ڏئي رهيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment