وچ ايشيائي رياستن کي پاڪستاني بندرگاهن ڏانهن راغب ڪرڻ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ايڪسپريس نيوز کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب قازقستان پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ سيڙپڪاري، ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن جي استعمال جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.
ان کان علاوه هن قازقستان جي گوادر ايئرپورٽ کي ڪارگو پهچائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو، جڏهن ته ازبڪستان کان گوادر تائين ريل ۽ روڊ نيٽ ورڪ جي ترقي، آف ڊاڪ ٽرمينل جي تعمير تي به اهم صلاح مشورا ڪيا ويا.
ازبڪستان بندرگاهن کي آمدورفت، ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ”آف_ڊاک“ اسٽوريج تعمير ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته ترڪمانستان انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪندي گوادر مان برآمدات ۽ درآمد وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.
ذريعن موجب گوادر لاءِ افغانستان بائي پاس، سي پيڪ روٽ، چين، ڪرغزستان، ازبڪستان ريلويز استعمال ٿينديون جڏهن ته گوادر ذريعي ايران، انٽرنيشنل نارٿ سائوٿ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور به استعمال ڪيو ويندو.
ذريعن موجب گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن تي ڪسٽم ۽ ٽريڪنگ سسٽم کي جديد بڻائڻ تي به ڪم ڪيو پيو وڃي.


