ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي سون جي اگهن ۾ اڄ مسلسل ٽئين ڏينهن به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ خميس تي سون جي قيمت ۾ 52 ڊالر في اونس گهٽتائي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سون جي نئين قيمت 4 هزار 714 ڊالر في اونس ٿي وئي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ 24 قيراط سون جي في تولو قيمت ۾ 20 رپيا گهٽتائي ٿي وئي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جي قيمت ۾ 4458 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 4 لک 23 هزار 321 رپيا ٿي وئي.
سون جي اگهن سان گڏوگڏ مقامي مارڪيٽ ۾ چاندي جي قيمت ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. مارڪيٽ ۾ چاندي جو في تولو اگهه 225 رپيا گهٽتائي سان 8 هزار 99 رپيا جڏهن ته 10 گرام چاندي جو اگهه 193 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 943 رپيا ٿي ويو آهي.
ياد رهي ته سون ۽ چاندي جي اگهن ۾ اڄ مسلسل ٽيون ڏينهن آهي.


