گڏيل قومن جي درخواست تي وفاقي حڪومت خوراڪ ۽ دوائون افغانستان منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي/ خيبر:

پاڪستان گڏيل قومن جي امدادي سامان ۾ شامل کاڌ خوراڪ ۽ دوائون طورخم ذريعي افغانستان منتقل ڪرڻ جي باضابطه اجازت ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته افغانستان ۾ جاري انساني امداد جي سرگرمين ۾ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.

اقوام متحده هڪ هفتي دوران مرحلن ۾ افغانستان ڏانهن انساني امداد جي خوراڪ جا 1,000 کنٽينر موڪليندي.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن طورخم بارڊر تي 25 ڪنٽينر پهچايا ويا هئا، جن مان 21 ڪنٽينرز جي ڪسٽم ڪليئرنس جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، انهن کي افغان اختيارين حوالي ڪري اڄ افغانستان موڪليو ويندو.

پرڏيهي وزارت موجب وفاقي حڪومت گڏيل قومن جي امدادي سامان جي روانگي لاءِ او سي جاري ڪري ڇڏي آهي.

اها منظوري نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خاص هدايتن ۽ حتمي منظوري کانپوءِ ڏني وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment