ڪراچي ۾ اٽي جي سرڪاري اگهه سبب فلور ملز ۽ مل مالڪن بحران جو خدشو ظاهر ڪيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



ڪراچي ۾ اٽي جو اگهه اوپن مارڪيٽ ۾ 116 رپيا في ڪلو تائين پهچڻ بعد اٽي جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ۽ امڪاني بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪمشنر ڪراچي اٽي جي نئين سرڪاري اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪمشنر ڪراچي جي نوٽيفڪيشن موجب عام اٽي جو هول سيل اگهه 122 رپيا في ڪلو ۽ پرچون اٽي جو اگهه 125 رپيا في ڪلو، فائن فلور جو هول سيل اگهه 132 رپيا ۽ پرچون جو اگهه 135 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي، اٽي جو سرڪاري اگهه 14 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي. مارڪيٽ ۾ سرڪاري اگهه بدران باقاعده اٽو 145 کان 150 رپيا، فائن فلور 160 کان 170 رپيا ۽ ملندڙ اٽو 160 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين جنيد عزيز خوراڪ کاتي کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اوپن مارڪيٽ مان مهانگي ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته هن وقت اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 116 رپيا في ڪلو آهي، فائن فلور جي ايڪس مل قيمت 144 رپيا ۽ سپر ريگيولر فلور جي ايڪس مل قيمت 135 رپيا في ڪلو آهي. موجوده صورتحال ۾ سرڪاري اگهه تي اٽو وڪڻڻ ممڪن ناهي جنهن ڪري اٽي جي بحران جو خدشو وڌي سگهي ٿو. جنيد عزيز چيو ته اٽي جي اگهه ۾ واڌ سان اٽي مان تيار ٿيندڙ سموريون کاڌي پيتي جون شيون به مهانگيون ٿي وينديون. ٻئي طرف فلور ملز ايسوسي ايشن جي اڳواڻ محمد انيس چيو ته مل مالڪن کي ڪڻڪ 125 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي، جنهن ۾ پيسڻ ۽ ٻين خرچن کان پوءِ اٽي جي قيمت 160 رپيا في ڪلو ٿي وڃي ٿي، ان ڪري مهانگو ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ سستو اٽو وڪڻڻ ممڪن ناهي. محمد انيس الزام مڙهيو ته انتظاميه ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي ننڍي فلور ملن خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن، بنا ڪنهن اطلاع جي ملن تي ڇاپا هڻي سيل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پهريان نوٽيس جاري ڪري ايس او پيز تي عمل نه ڪيو وڃي ته پوءِ ڪارروائي ڪئي وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment