ڪانگو ۾ ايبولا وائرس سبب فوتين جو انگ 600 تائين پهچي ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪانگو ۾ هينئر تائين ايبولا وائرس سبب 600 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي نئين انگن اکرن موجب، اوڀر ڪانگو ۾ ايبولا جي وبا مان 600 ماڻهو مري ويا آهن.

صرف ٽي ڏينهن اڳ، وچ ۽ اوڀر آفريڪا ۾ هن موذي مرض ۾ 500 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته 1,759 ماڻهن ۾ متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڪانگو ۾ وبا مئي ۾ شروع ٿي هئي ۽ چار صوبا متاثر ٿيا آهن پر ملڪ جي اتر اوڀر ۾ واقع اٽوري صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. پاڙيسري يوگنڊا ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن.

هن وقت وائرس لاءِ ڪابه ويڪسين يا مخصوص علاج موجود ناهي. ڊبليو ايڇ او جي مطابق ، اوڀر ڪانگو جي بنيا ۾ هڪ ويڪسين ۽ علاج جا ڪلينڪل ٽرائل شروع ٿي ويا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment