لنڊن: برطانيه جي ليبر پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ مستقبل جي امڪاني اڳواڻ ۽ وزير اعظم اينڊي برنهم غزه ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن تي پنهنجي پارٽي جي شروعاتي موقف تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ليبر پارٽي ان معاملي تي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
برطانوي اخبار دي گارڊين کي ڏنل انٽرويو ۾ اينڊي برنهم چيو ته ڪيترائي ماڻهو اهو محسوس ڪرڻ ۾ حق بجانب آهن ته ليبر پارٽي غزه ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جي شروعات تي مناسب موقف نه ورتو.
هن چيو ته مون کي خبر آهي ته ڪيترائي ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته منهنجي پارٽي غزه جي مسئلي تي پهرين جاءِ تي صحيح فيصلو نه ڪيو ۽ مان ان لاءِ معافي گهران ٿو. ڪيترن ئي موقعن تي اسان جو ردعمل عوام جي اميدن مطابق نه هو، اسان کي مستقبل ۾ بهتر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
اينڊي برنهم وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين دوران جنگي ڏوهن جا ثبوت ملي رهيا آهن، پر هن ان آپريشن کي سڌي ريت ”نسل ڪشي“ چوڻ کان پاسو ڪيو.
سندس چوڻ هو ته عالمي عدالتن کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي ته غزه ۾ ٿيندڙ ڪارروايون عالمي قانونن تحت نسل ڪشي جي زمري ۾ اچن ٿيون يا نه، ان معاملي تي حتمي راءِ سياستدانن جي بجاءِ عدالتي ادارن کي ڏيڻ گهرجي.
ياد رهي ته غزه جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ ليبر پارٽي جي اڳواڻ ۽ موجوده برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر هڪ ريڊيو انٽرويو ۾ چيو هو ته اسرائيل کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي بچاءَ جي حق تحت غزه کي پاڻي، خوراڪ ۽ بجلي جي فراهمي بند ڪري. ان بيان تي ليبر پارٽي کي ملڪي ۽ انساني حقن جي تنظيمن طرفان سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو.
سياسي مبصرن موجب اينڊي برنهم جي تازي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته غزه جنگ جي معاملي تي برطانوي سياست تبديل ٿي رهي آهي، جڏهن ته ليبر پارٽي اندر به ان معاملي تي اختلاف نظر اچي رهيا آهن.


