عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 37.59 ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. منصوبي سان بجلي جي کوٽ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.
تفصيل موجب عالمي بئنڪ 10 سالن جي توانائي پروگرام جي پهرين مرحلي لاءِ فنڊ فراهم ڪندي، مالي مدد بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم کي بهتر بڻائڻ تي خرچ ڪئي ويندي، ان رقم سان نيشنل پاور گرڊ کي جديد بڻائڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويندو.
منصوبي سان بجلي جي کوٽ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. ورلڊ بئنڪ موجب نيشنل گرڊ ۾ وڌيڪ 640 ميگاواٽ ونڊ پاور شامل ڪئي ويندي. پروجيڪٽ قابل تجديد توانائي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
بيان موجب پروگرام تحت پاڪستان ۾ بجلي جي نظام کي موسمياتي تبديلين موجب وڌيڪ محفوظ بڻايو ويندو، منصوبي سان هر سال 832 هزار ٽن ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.
اهو منصوبو حڪومت جي پاور سيڪٽر سڌارن کي به هٿي ڏيندو. ورلڊ بئنڪ موجب ان منصوبي سان پاور ٽرانسميشن ۾ بهتري ايندي ۽ سسٽم وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. اهو پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جو حصو وڌائڻ لاءِ ڪوششون مضبوط ڪندو.


