اسلام آباد:
وزيراعظم شهباز شريف عراق جي نئين مقرر ٿيل وزيراعظم علي الزيدي کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ علي الزيدي کي عراق جو وزيراعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان عراق جي نئين حڪومت سان ويجهي تعاون چاهي ٿو.
پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ عراق ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
هن عراق جي نئين وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
مان پنهنجي ڀاءُ جناب علي الزيدي کي عراق جو وزير اعظم مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. مان سندس لاءِ دل جي گهراين سان نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريان ٿو جيئن هو هي اهم ذميواري سنڀالي رهيو آهي.
پاڪستان عراق جي نئين حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي ته جيئن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي.
– شهباز شريف (@CMShehbaz) مئي 2، 2026


