ڪراچي:
نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي شهر قائد جي علائقي گلزار هجري ۾ مبينا آن لائن فراڊ ۾ ملوث هڪ وڏي ڪال سينٽر تي ڇاپو هڻي 40 کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
اختيارين موجب اين سي سي آءِ اي ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ڪال سينٽر تي ڇاپو هنيو جتان وڏي انگ ۾ ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ ۽ ٻيون ڊجيٽل ڊوائيس هٿ ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪال سينٽر مبينا طور تي زمانه هاني نالي هڪ شخص هلائي رهيو هو جتان جعلي بئنڪ نمائندن جي روپ ۾ پرڏيهي شهرين کي ڪالون ڪيون ويون.

جاچ موجب جوابدار مختلف ايپليڪيشنن ۽ سوشل انجنيئرنگ ذريعي غير ملڪي شهرين جو حساس بئنڪنگ ڊيٽا حاصل ڪندا هئا ۽ بعد ۾ انهن جي اڪائونٽن مان وڏي رقم ڪڍرائيندا هئا.
آفيسرن چيو ته حراست ۾ وٺندڙ ايجنٽن جي تحقيقات جاري آهي جڏهن ته ڊجيٽل ثبوتن جو فرانزڪ تجزيو ڪيو پيو وڃي ته جيئن فراڊ نيٽ ورڪ ۾ ٻين ڪردارن کي ڳولي سگهجي.
ذريعن موجب شروعاتي جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته ڪال سينٽر ٻاهرين ملڪن جي مخصوص عنصرن سان رابطي ۾ هو، جڏهن ته متاثرن جي انگ ۽ مالي نقصان بابت تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن.


