پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 13 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن: پاڪستاني سفير

sindhvoice70@gmail.com
5 Min Read



چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻه طرفي اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ گذريل ٻن سالن دوران 300 کان وڌيڪ مفاهمتي يادداشتن ۽ 3 درجن کان وڌيڪ جوائنٽ وينچر معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جن جي مجموعي ماليت 13 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. چين جي آءِ بي آءِ گروپ جي 70 رڪني اعليٰ سطحي وفد جي دوري جي موقعي تي سومر ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي خليل هاشمي چيو ته جيتوڻيڪ ايم او يوز ڊگهي مدي واري تعاون جي لاءِ ابتدائي قدم آهن پر پاڪستان حڪومت ان کي موثر انداز ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ ڪاروباري معاهدن کي عملي طور تي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ جامع نظام قائم ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايم او يوز کي باضابطه معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ جي شرح لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جيڪو حڪومت جي فالو اپ ۽ ان تي عملدرآمد جي موثر نظام جي عڪاسي ڪري ٿو. ان موقعي تي ڪراچي چيمبر ۽ آءِ بي آءِ گروپ وچ ۾ ڊجيٽل معيشت جي فروغ ۽ صنعتي ترقي جي لاءِ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جي مفاهمتي ياداشت تي ڪي سي سي آءِ جي صدر ريحان حنيف ۽ آءِ بي آءِ گروپ جي ڊائريڪٽر ليو جون زئي پڻ صحيحون ڪيون. خليل هاشمي انڪشاف ڪيو ته پاڪستان هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي بيٽري ٺاهيندڙ ڪمپني CATL سان سرگرم ڳالهين ۾ آهي، جيڪا ليٿيم آئن ۽ سوڊيم تي ٻڌل بيٽري ٽيڪنالاجي ۾ ماهر آهي. هن چيو ته پاڪستان ان ڪمپني کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم جي ايندڙ چين دوري دوران ان حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته عالمي مارڪيٽ آهستي آهستي ليٿيم آئن بيٽرين مان سوڊيم بيسڊ بيٽري ٽيڪنالاجي ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان وٽ ان صنعت لاءِ گهربل خام مال وافر مقدار ۾ موجود آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هن اڀرندڙ شعبي ۾ پهريون فائدو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ۽ جديد بيٽري جي پيداوار ۽ نئين توانائي ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل قدم کڻي رهيو آهي. ان کان اڳ چيني صنعت، واپار ۽ سيڙپڪارن جي 50 کان وڌيڪ ميمبرن تي مشتمل هڪ اعليٰ سطحي وفد ڪالهه فيڊريشن هائوس ڪراچي جو دورو ڪيو، جتي پاڪستاني واپارين ۽ صنعتڪارن سان بزنس ٽو بزنس (B2B) اهم ملاقاتون ڪيون. چين ۾ پاڪستان جو سفير خليل هاشمي به وفد سان گڏ هو. فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) موجب چيني وفد ۾ معدنيات، ٽيڪسٽائيل، ڪيميڪل، قابل تجديد توانائي، آٽو موبائيل، آءِ ٽي، فوڊ انڊسٽري، پيداوار سميت مختلف شعبن جا نمائندا شامل هئا، جڏهن ته ملاقاتن ۾ ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ايف پي سي سي آءِ جي سينيئر نائب صدر ثاقب فياض مڱريو چيو ته چين ڏانهن برآمدات وڌائڻ لاءِ پاڪستان کي ويليو ايڊڊ ۽ اعليٰ معيار جي شين جي پيداوار تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته معدنيات، زراعت، فوڊ پروسيسنگ، ڪيميڪل ۽ آئي ٽي جي شعبن ۾ چيني سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيني واپاري وفد جي آمد تي ڀليڪار ڪندي چيو ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون کي هٿي ملندي. ايف پي سي سي آءِ سنڌ جي ريجنل چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين عبدالمومن خان چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندڙ هي سڀ کان وڏو ۽ اهم چيني تجارتي، صنعتي ۽ سيڙپڪاري وفد آهي. هن چيو ته پاڪستاني واپاري ۽ ڪمپنيون چيني مهارت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي تجربي مان ڀرپور فائدو وٺي سگهن ٿيون. عبدالمومن خان چيني وفد سان ملاقاتن ۾ مقامي واپارين کي نوان واپاري رستا ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. ايف پي سي سي آءِ جي نائب صدر ناصر خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پرائيويٽ شعبي تائين وڌائڻ ۽ ان کي اقتصادي تعاون سان مطابقت ڏيڻ پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهي ٿو. پاڪستان چائنا بزنس ڪائونسل ايف پي سي سي آءِ جي چيئرمين شبير منشا چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ ۽ بي ٽو بي سرگرمين جي سخت ضرورت آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment