گهرو وزارت؛ 4 ارب جي وصولي نه ٿي، 2.5 ارب جي خريداري ۾ بي ضابطگيون، آڊٽ رپورٽ جاري

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آڊيٽر جنرل آف پاڪستان مالي سال 2025-26 جي آڊٽ رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ گهرو وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ اربين رپين جي آڊٽ اعتراضن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ گهرو وزارت جي ماتحت ادارن پاران 4 ارب رپين کان وڌيڪ جي وصولي نه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو. آڊٽ رپورٽ موجب گهرو وزارت بلٽ پروف گاڏين جي پرمٽ لاءِ 22.24 ملين رپيا فيس ۽ ڏنڊ به جمع نه ڪيا آهن، جڏهن ته 164 اهڙين گاڏين جي اين او سي جي سالياني فيس به سرڪاري خزاني ۾ جمع ناهي ڪئي وئي، 3 هزار 421 هٿيارن جي لائسنسن جي 5 ڪروڙ 62 لک رپيا فيس به سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪئي وئي آهي. 16000 کان وڌيڪ لائسنس پابندي مڙهيل بور جا آهن ۽ انهن جي جاري ڪيل ڊيٽا ۾ سنگين خاميون مليون آهن. آڊٽ اختيارين هٿيارن جي لائسنسن کي مينوئل ڪتاب مان مشين ريڊ ايبل (ڊجيٽل) نه بڻائڻ تي به سخت اعتراض ڪيو آهي. آڊيٽر جنرل جي رپورٽ موجب گهرو وزارت طرفان ڪيل خريداري ۾ 2 ارب 58 ڪروڙ رپين جي بيضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙي طرح کاتي جي اندروني چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم ۾ خامين تي 41 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا اعتراض اٿاريا ويا آهن، رپورٽ ۾ 29 ڪروڙ رپين جي بي ضابطگين جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. آڊٽ پيراگراف ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت ان اعتراض جي جواب ۾ چيو آهي ته ان فيس جي وصولي گهرو وزارت جي ذميواري ۾ نٿي اچي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment