انساني حقن جي دنيا جي ٻن وڏين تنظيمن برطانيا جي عدالت طرفان فلسطين ايڪشن آرگنائيزيشن تي لاڳو پابندي برقرار رکڻ واري فيصلي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
برطانوي اپيل ڪورٽ فلسطيني ايڪشن کي ”دهشت گرد تنظيم“ قرار ڏيڻ واري حڪومتي فيصلي کي برقرار رکيو آهي. عدالتي فيصلي کانپوءِ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ تنظيمن پاران خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
هيومن رائٽس واچ فيصلي کي ”تباهه ڪندڙ“ قرار ڏيندي چيو آهي ته احتجاجي گروپ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ هڪ غير معمولي صورتحال پيدا ڪئي آهي جتي هزارين ماڻهن کي رڳو پلي ڪارڊ کڻڻ يا حمايت جو اظهار ڪرڻ تي گرفتار ڪري سگهجي ٿو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ تنظيم چيو ته احتجاج ۽ سياسي اظهار کي دهشتگردي جي زمري ۾ شامل ڪرڻ جمهوري قدرن ۽ بنيادي انساني حقن لاءِ خطرناڪ مثال قائم ڪري سگهي ٿو.
ٻئي طرف ايمنسٽي انٽرنيشنل به فيصلي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. تنظيم جو چوڻ آهي ته فلسطين ايڪشن کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ دهشتگردي خلاف قانونن جو غلط استعمال آهي، جنهن جا انساني حقن لاءِ سنگين اثر ٿي سگهن ٿا.
ايمنسٽي انٽرنيشنل موجب ان فيصلي سان اظهار راءِ، پرامن احتجاج ۽ سياسي سرگرمين سان لاڳاپيل بنيادي آزادين کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي.
ڪيس برطانيه جي سياسي ۽ قانوني حلقن ۾ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي، انساني حقن جي تنظيمن حڪومت ۽ عدليه کان فيصلي تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي.


