اسلام آباد:
پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل واپاري ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ڪوريا جي واپار واري وزير يوو هان ڪو جي وچ ۾ ورچوئل ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ سيپا تي مشاورت شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو.
خطي ۾ امن جي فروغ تي پاڪستان جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي ڪوريا جي واپار واري وزير آمريڪا-ايران تڪرار ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جون امن ڪوششون نه رڳو خطي پر پوري دنيا لاءِ فائديمند آهن.
هن چيو ته ڪيتريون ئي ڪورين ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿيون، اهي پاڪستان کي محفوظ ۽ پرڪشش ملڪ سمجهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ڪورين ڪمپنيون پاڪستان ۾ خاص طور تي پيداوار ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿيون.
ان موقعي تي ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان هميشه هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان امن کي فروغ ڏنو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سيپا ڳالهين کي تيز ڪيو وڃي ۽ مقرر مدي اندر معاهدو مڪمل ڪيو وڃي.
زراعت، ٽيڪسٽائيل، معدنيات ۽ راندين جي سامان جي شعبن ۾ موجود موقعن کي اجاگر ڪندي هن چيو ته پاڪستان وچ ايشيا ۽ آفريڪا لاءِ اهم واپاري گيٽ وي بڻجي سگهي ٿو.
ڄام ڪمال خان ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ڪورين ڪمپنين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جو پڻ يقين ڏياريو. ملاقات ۾ جوائنٽ ٽريڊ ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ان کي فعال بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
ان موقعي تي واپار واري سيڪريٽري جواد پال متوازن ٽيرف پاليسي جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن گڏيل اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.


