آمريڪا وچ اوڀر جي اتحادين کي 8.6 بلين ڊالرن جو فوجي سامان وڪڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



آمريڪا وچ اوڀر جي اتحادي ملڪن کي 8.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ ماليت جو فوجي سامان وڪڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل، قطر، ڪويت ۽ گڏيل عرب امارات کي جديد دفاعي سامان فراهم ڪيو ويندو جنهن جي مجموعي ماليت 8.6 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. اهو اعلان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ايران خلاف جاري جنگ کي 9 هفتا مڪمل ٿي ويا آهن جڏهن ته ايران سان جنگبندي تي عمل کي 3 هفتا کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي جنهن کي ماهر اڃا تائين نازڪ قرار ڏئي رهيا آهن. ٻئي طرف آمريڪي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان فون تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. بهرحال، هن تهران پاران پيش ڪيل نئين تجويز کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هو نه ٿو مڃي ته جنگ جي خاتمي لاء ڪو معاهدو ٿي سگهي ٿو. تجزيه نگارن موجب خطي ۾ هٿيارن جي وڌندڙ فراهمي سبب ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته ايران سان جاري تڪرار جي حل جا امڪان به غير يقيني بڻيل آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment