روس ايران سان دفاعي ۽ فوجي ڀائيواري کي جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ۽ آبنائے هرمز کي ايران جو مکيه هٿيار قرار ڏنو.
ايراني نيوز ايجنسيون تسنيم دمتري ميدويدف موجب هو تهران ۾ اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ روسي وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي.
ان موقعي تي روس جي سلامتي ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر دمتري ميدويدف چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان جنگ کان پوءِ به هو ايران سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جاري رکندا.
هن آبنائي هرمز کي ايران جو سڀ کان وڏو جنگي اثاثو قرار ڏيندي چيو ته اهو دراصل ايران جو ايٽمي هٿيار آهي. دنيا جو اڪثر تيل ۽ گيس آبنائي هرمز ذريعي عالمي مارڪيٽن تائين پهچندو آهي، ان ڪري ڪنهن به فوجي يا سفارتي تڪرار ۾ هن آبي رستي جي اهميت تمام گهڻي وڌي ويندي آهي.
روسي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ماسڪو ۽ تهران وچ ۾ دفاعي، معيشت، توانائي ۽ علائقائي سلامتي جي شعبن ۾ تعاون مستقبل ۾ به جاري رهندو. ٻئي ملڪ عالمي معاملن تي ويجها رابطا برقرار رکندا ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.


