ڪرسٽيانو رونالڊو جي ڀيڻ ڪاتيا اويرو اشارو ڏنو آهي ته 2026 فيفا ورلڊ ڪپ سندس ڀاءُ جي شاندار انٽرنيشنل ڪيريئر جو آخري ٽورنامينٽ ٿي سگهي ٿو.
ٽورنٽو ۾ پرتگال ۽ ڪروشيا جي رائونڊ آف 32 ميچ کان اڳ ڳالهائيندي هن چيو ته اها قومي ٽيم سان رونالڊو جو آخري ڊانس ٿي سگهي ٿي.
ڪاتيا اويرو موجب کيس مليل ڄاڻ موجب رونالڊو جلد انٽرنيشنل فٽبال کي الوداع چئي سگهي ٿو، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته اهو فيصلو فوري طور تي نه پر ٽورنامينٽ کانپوءِ ڪيو ويندو.
هن چيو ته هي سندس آخري ورلڊ ڪپ ٿي سگهي ٿو، ان لمحي مان لطف اندوز ٿيو ڇو ته اهڙا رانديگر ٻيهر نه ايندا.
https://x.com/lbertozzi/status/2072792624243552761
هن چيو ته هي ڪروشيا جي تجربيڪار ڪپتان لوڪا موڊريڪ لاءِ آخري عالمي ٽورنامينٽ به ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن کي خاص ’لاسٽ ڊانس‘ چيو پيو وڃي.
رونالڊو کي تازو تنقيدن کي به منهن ڏيڻو پيو پر سندس ڀيڻ ان جو ڀرپور دفاع ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو کيس نٿا سمجهن اهي فٽبال کي نٿا سمجهن.
هن چيو ته خاندان کي سندس شاندار ڪاميابين تي فخر آهي. هو هن وقت پنهنجي رڪارڊ ڇهين ورلڊ ڪپ ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ اڳ ۾ ئي دنيا جو واحد رانديگر بڻجي ويو آهي جنهن ڇهن مختلف ورلڊ ڪپ جي ايڊيشن ۾ گول ڪيو.


