پاڪستان خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز کان اڳ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت ۽ ڪوچنگ جي حوالي سان صورتحال اڃا تائين غير يقيني آهي.
برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب ان ڳالهه جو قوی امڪان آهي ته تجربيڪار بيٽسمين جو روٽ کي عبوري ٽيسٽ ڪپتان مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته مارڪوس ٽريسڪوٿڪ کي عبوري هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويندو پر انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ڪيو.
اي سي بي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر روب ڪيز نئين ٽيسٽ هيڊ ڪوچ جي ڳولا ۾ مختلف اميدوارن سان رابطي ۾ آهي، جن ۾ اسٽيفن فليمنگ، جونٿن ٽراٽ، رچرڊ ڊاسن ۽ ٽام موڊي شامل آهن.
اميدوار جي موجوده ذميوارين جي ڪري مستقل ڪوچ جي مقرري ۾ دير ٿي سگهي ٿي.
ٻئي طرف 35 ورهين جي جو روٽ کي هن وقت عبوري ڪپتانيءَ جو مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي.
هن 2017 کان 2022 تائين انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪئي ۽ تازو ئي بين اسٽوڪس جي غير موجودگي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽيم جي ڪپتاني ڪئي.
ٻئي طرف هيري بروڪ کي مستقبل جو مستقل ڪپتان پڻ قرار ڏنو پيو وڃي پر اي سي بي ايندڙ ايشز سيريز کي نظر ۾ رکندي جلد فيصلو ڪرڻ چاهي ٿو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز 19 آگسٽ کان هيڊنگلي ۾ شروع ٿيندي.


