پاڪستان جو ليجنڊ فاسٽ بالر وسيم اڪرم هن وقت حج ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ۾ موجود آهي.
سوئنگ جي سلطان جي نالي سان مشهور وسيم اڪرم جي جمرات ۾ شيطان کي کنکر مارڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو ۾ وسيم اڪرم شيطان کي پنهنجي سگنيچر بالنگ اسٽائل سان اڇلائيندي ۽ بعد ۾ جشن ملهائيندي نظر اچي رهيو آهي.
واضح رهي ته وسيم اڪرم سميت ڪيترائي اڳوڻا رانديگر ۽ شوبز ستارا هن سال حج جي سعادت حاصل ڪري چڪا آهن.


