برازيل جي اسٽار فٽبالر نيمار کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 26 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ريو ڊي جنيرو ۾ هڪ تقريب دوران نئين هيڊ ڪوچ ڪارلو اينسيلوٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جتي نيمار جو نالو سامهون اچڻ تي مداحن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ جشن ملهايو.
فلمي او لمحو que o Ancelotti anuncia o nome do Neymar para a Copa.
مون ڪڏهن به ڪوپا لاءِ ڪنهن رانديگر جي ڪنووڪيشن جي چوڌاري ايتري وڏي حرڪت نه ڪئي.
QUE ENERGIA SURREAL! pic.twitter.com/xSRvbWuYAI
JMV ٽوٽڪا🏅 (@JmvTips) مئي 18، 2026
وائرل ٿيل وڊيو ۾ برازيل جو اڳوڻو فٽبال اسٽار مارسيلو به نيمار جي اسڪواڊ ۾ شموليت تي خوشيءَ سان بيٺو نظر آيو.
34 سالن جو نيمار هن وقت برازيل جي ڪلب سانتوس جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.
هو برازيل لاءِ 128 ميچن ۾ 79 گولن سان ملڪ جو ٽاپ اسڪورر آهي. جڏهن ته زخمين سبب هو 2023ع کانپوءِ پهريون ڀيرو قومي ٽيم ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
هن اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ نيمار پنهنجي ڪيريئر جو چوٿون ورلڊ ڪپ کيڏندو. هو ان کان اڳ 2014، 2018 ۽ 2022 جي ورلڊ ڪپ ۾ برازيل جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
ڪارلو اينسيلوٽي چيو ته نيمار جي فٽنيس ۽ فارم جو گذريل سال کان مسلسل جائزو ورتو پيو وڃي ۽ هو هاڻي بهتر جسماني حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي.
اسڪواڊ ۾ اليسن بيڪر، ڪيسميرو، برونو گيماراس ۽ ونيسيس جونيئر سميت ڪيئي اهم رانديگر شامل آهن، جڏهن ته جيو پيڊرو اسڪواڊ ۾ شامل نه ٿي سگهيو.


