آءِ سي سي انگلينڊ جي ٽيسٽ ڪپتان بين اسٽوڪس جي تڪراري ريٽائرمينٽ واري وڊيو تي اي سي بي خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تفصيل موجب بين اسٽوڪس نيوزيلينڊ خلاف ٽئين ٽيسٽ کانپوءِ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فيصلي جي وڊيو انگلينڊ جي ڊريسنگ روم ۾ ٽرينٽ برج ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي شروعات کان اڳ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ميچ دوران نشر ڪندڙن ۽ سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي وئي.
آءِ سي سي، اي سي بي کي لکيل خط ۾ نشاندهي ڪئي ته ميچ ختم ٿيڻ کان اڳ ڊريسنگ روم ۾ رڪارڊ ٿيل وڊيو ۽ آڊيو جاري ڪرڻ رانديگرن ۽ ميچ آفيسرن جي ايريا ضابطن جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي. اهي قانون اينٽي ڪرپشن پروٽوڪول جي حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا آهن.
رپورٽون منظر عام تي اچڻ کان پوءِ بين اسٽوڪس سوشل ميڊيا تي مزاحيه انداز ۾ ”سِڪ هم“ لکي رد عمل ڏنو.
آءِ سي سي 4 جولاءِ تي اي سي بي کي خط موڪليو هو، جنهن جو جواب ملڻ بعد معاملو گڏيل مفاهمت سان حل ڪيو ويو.
جڏهن ته ان حوالي سان آءِ سي سي ۽ اي سي بي طرفان ڪو به سرڪاري بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
بين اسٽوڪس موجب رٽائرمينٽ جي اعلان جو وقت سندس ايجنٽن ۽ اي سي بي جي مشاورت سان طئي ڪيو ويو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اعلان کان پوءِ جلد ئي اسٽوڪس پنهنجي ايندڙ بال تي نيوزيلينڊ جي زيڪ فولڪس کي آئوٽ ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻئي ڏينهن ئي ٽيسٽ ميچ جي پڄاڻي تي سندس انٽرنيشنل ڪيريئر ختم ٿي ويو.


