سرفراز احمد کي بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ڪوچ مقرر ڪرڻ جو اعلان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب شان مسعود ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته اسڪواڊ ۾ 4 نوان رانديگر شامل ڪيا ويا آهن.

اسڪواڊ ۾ شامل پنج رانديگر اڳ ئي لاهور ۾ جاري اين سي اي ريڊ بال ڪيمپ ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

قومي ٽيسٽ اسڪواڊ 27 اپريل تي ڪراچي ۾ لڳندڙ ڪيمپ ۾ شامل ٿيندو، ڪيمپ پهرين مئي تي پڄاڻي تي پهچندي جڏهن ته ٽيم 2 مئي تي بنگلاديش رواني ٿيندي.

پي ايس ايل 11 ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگر پنهنجي ٽيمن جا ميچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيمپ ۾ شامل ٿيندا.

بنگلاديش جي دوري لاءِ اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان سرفراز احمد کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر اسد شفيق ۽ عمر گل بالترتيب بيٽنگ ۽ بالنگ ڪوچ هوندا.

اسڪواڊ:

شان مسعود (ڪپتان)، عبدالله فضل، عماد بٽ، اذان اويس، بابر اعظم، حسن علي، امام الحق، خرم شهزاد، محمد عباس، محمد رضوان، محمد غازي غوري، نعمان علي، ساجد خان، سلمان علي آغا، سعود شڪيل، شاهين شاهه آفريدي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 8 مئي ۽ ٻي ٽيسٽ ميچ 16 مئي کان کيڏي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment