فيفا ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ پنهنجي مهم جي شروعات ڪئي، دلچسپ ۽ سنسني خیز مقابلي ۾ ڪروشيا کي 2-4 تان هارائي ڇڏيو.
ڊيلاس ۾ کيڏيل ميچ ۾ جيتوڻيڪ انگلينڊ جون دفاعي ڪمزوريون به نمايان هيون پر مجموعي طور تي انگلش ٽيم جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو.
ميچ جي 12هين منٽ ۾ هيري ڪين پنالٽي ذريعي انگلينڊ کي برتري ڏياري. ڪروشيا جي گول ڪيپر ڊومينڪ ليواڪووچ شروع ۾ پنالٽي بچائي هئي پر لائن جي مٿان وڃڻ جي ڪري سزا ٻيهر ڏني وئي ۽ ڪن هن ڀيري ڪا غلطي نه ڪئي.
ڪروشيا 36 هين منٽ ۾ مارٽن بيٽرينا جي شاندار گول جي بدولت برابري تي پهتي، پر وقفي کان ٽي منٽ اڳ هيري ڪيين ڊيڪلان رائس ڪارنر تي هيڊ ڪري انگلينڊ کي ٻيهر برتري ڏياري. اهو ڪين جو 10 هون ورلڊ ڪپ گول هو.
پهرين هاف جي پڄاڻي کان ڪجهه لمحا اڳ ڪروشيا جي پيٽر موسيٰ گول ڪري اسڪور هڪ ڀيرو ٻيهر برابر ڪري ڇڏيو.
ٻئين هاف جي شروعات ۾ جوڊ بيلنگهم شاندار انفرادي ڪوشش سان انگلينڊ کي ٽيون ڀيرو برتري ڏياري، جڏهن ته متبادل رانديگر مارڪس راشفورڊ آخري منٽ ۾ گول ڪري فتح ماڻي.


