فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي زيدان اقبال تاريخ رقم ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


عراقي ٽيم جي اسٽار پاڪستاني نژاد زيدان اقبال فيفا ورلڊ ڪپ ۾ تاريخي نمايان ڪري لکين پاڪستاني مداحن جون دليون کٽي ورتيون.

برطانوي نشرياتي اداري موجب عراقي ٽيم لاءِ کيڏندڙ مانچسٽر يونائيٽيڊ جو اڳوڻو رانديگر زيدان اقبال ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پاڪستاني نژاد پهريون فٽبالر آهي.

زيدن اقبال پنهنجي ڪاميابي جو سبب پنهنجي پاڪستاني پيءُ جي شاندار تربيت کي قرار ڏنو آهي.

زيدان اقبال جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان پاڪستان جي نمائندگي ڪريان ها ته منهنجو پيءُ هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان وڌيڪ خوش هجي ها.

برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زيدان اقبال جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ موجودگي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻارن جو حوصلو بلند ڪيو آهي.

زيدان اقبال پاڪستان کي عالمي سطح تي مشهور ڪري نوجوان نسل لاءِ روشن مثال قائم ڪيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment