انڊر 18 هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائر: پاڪستان اومان کي 0-5 تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عمان جي شهر مسقط ۾ جاري انڊر 18 ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائر مئچ ۾ پاڪستان اومان کي 0-5 تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان عثمان 2، عديل، يحيٰ نجيب ۽ فرحان اسلم هڪ هڪ گول ڪيو. پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين احمد واني، پي ايڇ ايف ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين اولمپين اصلاح الدين صديقي، اولمپئن حسن سردار ۽ اولمپئن سميع الله خان سميت چيئرمين سليڪشن ڪميٽي ميمبرن قومي ٽيم کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ ايندڙ ميچن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پاڪستان مرد ٽيم جي ٻي ميچ 20 جولاءِ تي پاڪستان بمقابله بنگلاديش – 9:30 PM، 21 جولاءِ پاڪستان بمقابلا ڀارت – 9:30 PM، 23 جولاءِ پاڪستان بمقابله عمان – 6:00 PM، پاڪستان بمقابله بنگلاديش – 9:30 PM ۽ 24 جولاءِ تي پاڪستان بمقابله ڀارت – 9:00 PM. پاڪستان وومين ٽيم جي ميچن جي شيڊول موجب 20 جولاءِ تي شام 7:30 وڳي پاڪستان بمقابله عمان، 21 جولاءِ تي شام 8:00 وڳي پاڪستان بمقابله ايران، 23 جولاءِ تي پاڪستان بمقابلا عمان شام 7:30 ۽ پاڪستان ۽ ايران 24 جولاءِ تي شام 7.30 وڳي ميچون کيڏيون وينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment