فيفا ورلڊ ڪپ دوران ويزا مسئلن سبب ايراني فٽبال ٽيم پنهنجو ٽريننگ بيس ڪيمپ آمريڪا کان ميڪسيڪو منتقل ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب ايراني رانديگر هاڻي آمريڪي شهر ايريزونا جي شهر ٽوسن بدران ميڪسيڪو جي شهر ٽيجوانا ۾ ٽريننگ ڪندا، جنهن جي فيفا به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايراني فٽبال فيڊريشن جي صدر تاج مهدي موجب ويزا مسئلن سبب آمريڪا بدران ميڪسيڪو ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ٽيجوانا لاس اينجلس جي ويجهو آهي، جتي ايران پنهنجون پهرين ٻه گروپ ميچون کيڏندو، اهڙي طرح سفر جو وقت گهٽجي ويندو.
ايران کي گروپ جي ۾ نيوزيلينڊ، بيلجيم ۽ مصر جي چيلنج کي منهن ڏيڻو پوندو.
ايران جي پهرين ميچ 15 جون تي نيوزيلينڊ خلاف کيڏي ويندي.
فيڊريشن جي عملدارن خدشو ظاهر ڪيو هو ته سمورن رانديگرن ۽ آفيسرن کي وقت تي آمريڪي ويزا نه ملي سگهندا، پر فيفا جي صدر گياني انفنٽينو گذريل مهيني واضح ڪيو هو ته ايران ورلڊ ڪپ جون ميچون شيڊول موجب ضرور آمريڪا ۾ کيڏندو.


