خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي بنون جو دورو ڪيو ۽ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات ڪئي.
وزيراعليٰ هائوس پشاور جي ترجمان موجب وڏي وزير سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وڏي وزير اسپتالن ۾ زخمي اهلڪارن جي عيادت پڻ ڪئي ۽ کين بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي خلاف بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو آهي.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف اسان بيشمار قربانيون ڏنيون آهن، صوبائي حڪومت ۽ پوليس گڏجي دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، صوبي ۾ امن امان جو قيام حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
سهيل آفريدي چيو ته عوام کي پنهنجي حقن ۽ امن لاءِ اٿڻو پوندو، ٻي صورت ۾ لاڳو حالتون برقرار رهنديون. اسان چوندا رهياسين ته دهشتگرد ٻيهر اڀري رهيا آهن پر 78 سالن کان اسان تي بند ڪمرن جا فيصلا مسلط ڪيا پيا وڃن. مسلط ڪيل پاليسين صوبي کي بدامني جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.


