جج جي نيت ته الله ئي ڄاڻي ٿو، اسان کي بي ايماني لکڻ جي هدايت نه ڏيو، سپريم ڪورٽ

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

سپريم ڪورٽ جي جسٽس جمال مندوخيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جج جي نيت ته الله ئي ڄاڻي ٿو، اسان کي بي ايماني لکڻ نه ڏيو.

سپريم ڪورٽ ناياب عمراني جي ڀيڻ صنم عمراني قتل ڪيس ۾ غلط بياني تي ٽرائل ڪورٽ کي رڪارڊ درست ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت هدايت ڪئي ته عدالتي حڪم ملڻ بعد 2 هفتن اندر شاهدن ۾ ضروري ترميمون ڪيون وڃن.

ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا شاهدن جي رڪارڊنگ ٿي وئي آهي؟ ان تي جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته کيس هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪو به اعتراض ناهي.

جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته شاهدن جي صحيح رڪارڊنگ عدالتي معاملو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا غلطي عدالت جي نوٽيس ۾ اچي ته ڇا ان کي درست نٿو ڪري سگهجي؟ ٻڌڻي دوران ناياب عمراني جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ واقعي جي تاريخ غلط لکي وئي آهي.

ان تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته عدالت تاريخ جي اهميت کان چڱي ريت واقف آهي. ناياب عمراني جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته سندس جرح به صحيح نموني عدالتي رڪارڊ جو حصو ناهي بڻيو. جسٽس جمال مندوخيل هدايت ڪئي ته رڳو شاهدين ۾ غلطين جي نشاندهي ڪئي وڃي.

ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن عدالت وقت تي پاڻ کي درست ڪري ها ته معاملو سپريم ڪورٽ تائين نه پهچي ها. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي آئين جي آرٽيڪل 187 تحت مڪمل اختيار حاصل آهن.

جسٽس جمال مندوخيل وڌيڪ چيو ته جج جي نيت ته الله ئي ڄاڻي ٿو. عدالت کي بي ايماني بابت ڪنهن به قسم جي آبزرويشن نه ڏني وڃي.

هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت هاءِ ڪورٽ کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي، جنهن بعد هن واضح ڪيو ته عدالت ڪيس ۾ رڳو شاهدن جي تصديق جو حڪم ڏئي رهي آهي.

ياد رهي ته ڪيس ۾ ڪوڙي شاهدين جي رڪارڊنگ خلاف درخواستگذار سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو، جنهن تي عدالت ٽرائل ڪورٽ کي رڪارڊ درست ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment