ڪي پي جي وڏي وزير جو حڪومت کي هڪ هفتي جو الٽي ميٽم

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هڪ هفتي جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ڀرسان باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي الزام هنيو ته اڄ به پي ٽي آءِ جي باني خاندان، پارلياماني ميمبرن ۽ ذاتي ڊاڪٽر کي ملاقات جي اجازت ناهي ڏني وئي. هن چيو ته صوبي جي چيف ايگزيڪيوٽو جي اچڻ باوجود رڪاوٽون هنيون ويون ۽ پارٽي اڳواڻن سان بدتميزي ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي صحت خاص ڪري اکين جي مسئلي تي سخت خدشا آهن، پر حڪومت علاج ۽ اسپتال داخل ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته پي ٽي آءِ باني کي فوري طور تي سندس گهرواري ۽ ذاتي ڊاڪٽر جي نگراني ۾ اسپتال منتقل ڪيو وڃي. سهيل آفريدي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صورتحال تبديل نه ٿي ته هو ايندڙ اڱاري تي سخت رويو اختيار ڪندي اڊيالا جيل واپس ويندس.



Source link

Share This Article
Leave a Comment