سعدي ٽائون ڪئنال مان 2 ڏينهن اڳ ٻڏي ويل نينگر جو لاش هٿ، سپر هاءِ وي ڊرين مان به لاش هٿ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

سپر هاءِ وي وٽان گندي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويل هڪ ڄڻو جو لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته سچل غازي ڳوٺ ۾ سعدي ٽائون واهه ۾ ٻڏي ويل 12 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي.

ايڪسپريس موجب گڊاپ سٽي ٿاڻي جي حد ۾ سپر هاءِ وي جميل ميمڻ ڪالوني ٽرپل اي ڪيٽل فارم ڀرسان نالي مان هڪ شخص جو ٻڏي ويل لاش مليو آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ايڌي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال پهچايو.

پوليس موجب مارجي ويل شخص جي عمر 20 کان 30 سالن جي وچ ۾ آهي، مقتول جي قبضي مان ڪا به شيءِ هٿ نه آئي آهي جنهن سان سندس سڃاڻپ ٿي سگهي.

ايس ايڇ او محمد علي شاهه ٻڌايو ته مقتول جي جسم تي تشدد جا ڪي به نشان نه آهن. شڪ ڪيو پيو وڃي ته مقتول نالي جي ڀت تي سمهي پيو هو ۽ سمهڻ دوران نالي ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو.

سعدي ٽائون واهه ۾ ٻڏي ويل 12 ورهين جي ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي

هوڏانهن سچل غازي ڳوٺ ۾ ٻه ڏينهن اڳ پاڻي جي لائين ۾ ڪري گم ٿيل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي.

ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو جي ترجمان موجب 12 ورهين جو ٻارڙو زاهد جمعي جي ڏينهن پاڻي جي لائين ۾ ڪري پيو، ريسڪيو آپريشن ٻن ڏينهن کان جاري هو، اڄ صبح سعدي ٽائون مان نينگر جو لاش هٿ آيو. فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زاهد مدرسي جو شاگرد هو جڏهن ته 3 ڀائرن ۽ 2 ڀينرن ۾ سڀ کان وڏو هو سعدي ٽائون ڪينال نالي واٽر لائين ۾ ڪري پيو جيڪو واٽر ڪارپوريشن جي لائن آهي. شروعاتي اطلاعن موجب زاهد راند ڪندي پاڻي جي لائين ۾ ڪري پيو. زاهد جو پيءُ مزدور آهي، جڏهن ته سندس نسب لورالائي، بلوچستان سان آهي.

متاثر علائقي ۾ اهڙا واقعا اڳ به ٿي چڪا آهن ۽ لاڳاپيل اختيارين طرفان حفاظتي اپاءَ نه ورتا ويا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment