پنجاب جي گهرو کاتي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪندي کليل فضا ۾ ڊرون اڏڻ تي پابندي ۾ وڌيڪ 30 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب اها پابندي 25 مئي تائين برقرار رهندي.
اختيارين موجب سڪيورٽي خدشن سبب آئوٽ ڊور ڊرون اڏامڻ تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته هالن ۽ مارڪيز ۾ انڊور ايونٽس دوران ننڍن ڊرونز جي محدود استعمال جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن جي محفوظ استعمال جي ذميواري منتظمين تي هوندي.
ان کان علاوه انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به ان پابندي کان استثنيٰ ڏني وئي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته عوام جو تحفظ، امن امان جو قيام ۽ جان و مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته صوبي جي انتظاميه ۽ پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته انهن حڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي.


