جي يو آءِ بلوچستان حڪومت تي مدرسن جي رجسٽريشن تي ناراض

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ مدرسن خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته اسان ان جي هر محاذ تي سخت مزاحمت ڪنداسين.

مدرسن جي رجسٽريشن بابت بلوچستان حڪومت جي رويي تي سخت رد عمل ۾ هن چيو ته حڪمرانن کي آگاھ ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ نتيجن جا ذميوار پاڻ هوندا. جيڪي مدرسن کي بند ڪرڻ يا دٻاءُ ۾ آڻڻ جو خواب ڏسن ٿا، اهي ٻڌن، اهو ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.

هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ مدرسن خلاف ڪو به قدم کنيو ويو ته ان جي هر محاذ تي سخت مزاحمت ڪنداسين. ديني مدرسا اسان لاءِ سرخ لڪير آهن.

عبدالغفور حيدري چيو ته ماضي گواهه آهي ته اسان مدرسن خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو، مستقبل ۾ ڪنهن کي به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، حڪومت ۽ انتظاميه ڄاڻي واڻي غلط بياني ڪري رهي آهي، صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا محتاط ٿي رياست کي وڌيڪ عدم استحڪام طرف ڌڪڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ صورتحال جي سموري ذميواري سندن مٿان هوندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment