لاهور:
پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، سڄي صوبي ۾ کليل فضا ۾ ڊرون اڏامڻ تي مڪمل پابندي برقرار آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب گهرو کاتي قلم 144 تحت آئوٽ ڊرون اڏامڻ تي پابندي ۾ 30 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، اها پابندي 25 مئي تائين لاڳو هوندي، پنجاب حڪومت سيڪيورٽي خدشن سبب ڊرون جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.
شادي هالن ۽ مارڪيز اندر واقعن دوران ننڍڙن ڊرونز جي محدود استعمال جي اجازت آهي، آرگنائيزر ان ڊور ايونٽس ۾ ڊرون جي محفوظ استعمال جا ذميوار آهن، انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پابندي کان مستثنيٰ آهن.

پنجاب حڪومت انتظاميا ۽ پوليس کي حڪمن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.


