پي ايس ايل 11: راولپنڊي ۽ حيدرآباد ڪنگز کي شرمناڪ شڪست، پلے آف ۾

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ حيدرآباد ڪنگز مين راولپنڊي کي 108 رنسن تان شڪست ڏئي پلي آف لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ايونٽ جي 39هين ميچ ۾ راولپنڊي جي ٽيم 245 رنسن جي تعاقب ۾ 18هين اوور ۾ 136 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، راولپنڊي طرفان عثمان خواجه 66 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان محمد رضوان 26، سام بلنگز 23، ڊيان فاريسٽر 6، سعد مسعود 5، عماد بٽ 3، آصف آفريدي 3، شاهزيب خان 1 جڏهن ته ڪامران غلام، محمد عامر ۽ بين سيئرز بنا ڪنهن رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪنگزمنز طرفان حنين شاهه 4 ۽ عاڪف جاويد 3 وڪيٽون ورتيون. محمد علي ۽ گلين ميڪسويل 1، 1 وڪيٽ ورتي. راولپنڊي جي دعوت تي پهريان بيٽنگ ڪندي حيدرآباد ڪنگز مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 244 رنسون ٺاهيون. ڪنگزمين طرفان گلين ميڪسويل 70 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. عثمان خان 54، ڪوشل پريرا 50 ۽ حسن خان 16 رنسون ٺاهيون. ٻين بيٽسمينن ۾ معاذ صداقت 28، صائم ايوب 12، ڪپتان مارنس لبوشين 5 ۽ عرفان خان 0 رنسن جي انفرادي اسڪور تي آئوٽ رهيا، راولپنڊي طرفان سعد مسعود 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. عماد بٽ، بين سيئرز ۽ آصف آفريدي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment