وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) خانگي پيٽروليم ڪمپني خلاف اربين رپين جي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس چوري ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي 5 ارب 94 ڪروڙ رپيا هٿ ڪيا آهن. ايف آءِ اي موجب ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائم سرڪل خانگي پيٽروليم ڪمپني کان 5 ارب 94 ڪروڙ رپيا وصول ڪري ورتا آهن جڏهن ته جاچ دوران خانگي پيٽروليم ڪمپني پاران ٻين ٽيڪس چوري جو به انڪشاف ٿيو آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته خانگي ڪمپني پاران ادا ڪيل رقم ۾ اڳوڻن ڊيوٽي ۽ ٽيڪس جي رقم به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ڪيس جي جاچ ۾ مختلف ادارن جي ڪردار بابت به جاچ جاري آهي. ڪيسن بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف ڪسٽم ايڪٽ، پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ اينٽي ڪرپشن ايڪٽ تحت ڊيوٽي ۽ ٽيڪس چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
Source link

ايف آءِ اي جي ڪارروائي، خانگي پيٽروليم ڪمپني کان اربين رپين جي ٽيڪس چوري جي وصولي
Leave a Comment Leave a Comment

