لبنان ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي جتي اسرائيلي فوج جي تازي حملن ۾ هڪ صحافي سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي فوج بيڪا وادي ۾ ڊرون حملي ۾ حزب الله جي ٻن ميمبرن کي نشانو بڻائي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته انهن حملن ۾ لبناني صحافي امل خليل به پنهنجي جان وڃائي ويٺو، جنهن جو لاش تباهه ٿيل عمارت جي ملبي مان ڪڍيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن موجب لبنان جي ڏاکڻي شهر الخيام ۽ ٻين علائقن تي سخت ۽ منظم بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ توپخاني جو استعمال پڻ ڪيو ويو. حملن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي رهائشي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون جڏهن ته بلڊوزر ذريعي گهرن کي به ڊاهي پٽ ڪيو ويو. اطلاع آهن ته مسجدن کي به نشانو بڻايو ويو. سرڪاري خابرو اداري موجب اسرائيلي فوج طائر ضلعي سميت مختلف علائقن ۾ روڊن ۽ انفراسٽرڪچر کي به تباهه ڪري رهي آهي، جنهن سبب شهري زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي. ٻئي طرف حزب الله جوابي ڪارروائي ڪندي ڊرون حملي ۾ اسرائيلي فوج جي گاڏي کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
Source link

لبنان ۾ اسرائيل جي تازي حملي جي نتيجي ۾ هڪ صحافي سميت 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

