هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جو اگهه ٻيهر مهانگو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

سون جي اگهن ۾ هڪ ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 45 ڊالر وڌي 4 هزار 837 ڊالر ٿي ويو، جنهن کانپوءِ مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جو في تولو اگهه 5 هزار 500 رپيا اضافي سان 5 لک 6 هزار 622 رپيا ٿي ويو.

اهڙي طرح سون جي في 10 گرام جو اگهه به 3 هزار 858 رپيا وڌي 4 لک 33 هزار 816 رپيا ٿي ويو.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه هڪ ڊالر 18 سينٽس جي واڌ سان 80 ڊالر 78 سينٽس، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 118 رپيا 8 هزار 562 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 101 رپيا وڌي 7 هزار 340 رپيا ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٽن ڏينهن جي وقفي کانپوءِ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي هئي، جيڪا اڄ وڌڻ کانپوءِ ٻيهر وڌي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment