عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ اضافو ٿيو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 11 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4690 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه به 1 هزار 100 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 91 هزار 362 رپيا ۽ سون جو في 10 گرام اگهه 943 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 21 هزار 263 رپيا ٿي ويو آهي. سون جي مقابلي ۾ چاندي جو في تولو اگهه 231 رپيا وڌي 9 هزار 139 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه به 198 رپيا وڌي 7 هزار 835 رپيا ٿي ويو.
Source link

سون جو اگهه گهٽجي ويو، چاندي جو اگهه وڌي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

