قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ بدترين شڪست کانپوءِ اعتراف ڪيو آهي ته پاڪستاني ٽيم اهم لمحن ۾ راند تي گرفت برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهي.
ميرپور جي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڳالهائيندي شان مسعود شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ئي وقت ٻن سيٽ بيٽرن جي موجودگي سان ائين لڳي رهيو هو ته پاڪستان ميچ ڊرا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي، بدقسمتي سان اسان ان موقعي مان فائدو نه وٺي سگهياسين.
هن اعتراف ڪيو ته جڏهن سيٽ بيٽرز ڪريز تي هئا ته هن کي ڊرا ڪرڻ لاءِ گهڻي بيٽنگ ڪرڻ گهرجي ها.
ڪپتان ميچ ۾ مثبت پهلوئن جو ذڪر ڪيو ۽ ڊيبيو رانديگرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
هن چيو ته اذان اويس پنهنجي پهرين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪري پنهنجي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو، عبدالله فضل ٻنهي اننگز ۾ اڌ سينچري اسڪور ڪري ٽيم کي سهارو ڏنو.
شان مسعود جو چوڻ هو ته ميچ کان پهرين رات تائين کيس ٽيم ۾ شموليت جي خبر نه هئي پر پوءِ به موقعو ملڻ تي اعتماد ۽ ذميواري سان بيٽنگ ڪئي.
ڪپتان اميد ظاهر ڪئي ته جيئن اهي رانديگر وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندا، انهن جي فيصلا ڪرڻ واري قوت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.
ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جي فيصلي تي ڪپتان چيو ته بالنگ لاءِ حالات سازگار آهن.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ جڏهن راند توهان جي هٿن ۾ آهي ته مخالف ڌر کي مڪمل دٻاءُ ۾ رکڻ ضروري آهي، جنهن ۾ اسان جي ٽيم ناڪام ٿي وئي.
شان مسعود جو وڌيڪ چوڻ هو ته 6 مهينن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب رانديگرن جي ڪوششن تي شڪ نٿو ڪري سگهجي پر اسان کي اهڙين پچن تي راند ختم ڪرڻ جو فن سکڻو پوندو، ٽيم کي غلطين مان سبق سکڻ گهرجي ۽ ايندڙ ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندي.


