پي ايس ايل: فائنل کان اڳ حيدرآباد ڪنگز جي اهم بالر کي سزا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پي ايس ايل جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي حيدرآباد ڪنگز جي فاسٽ بالر محمد علي تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب اِهو واقعو گذريل ڏينهن لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف کيڏيل ٻئي ايليمينيٽر ميچ دوران پيش آيو.

رپورٽن مطابق محمد علي تي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2.21 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ راند جي سالميت کي متاثر ڪرڻ واري عمل سان لاڳاپيل آهي.

اهو واقعو اسلام آباد يونائيٽيڊ جي اننگز جي 16هين اوور ۾ پيش آيو.

محمد علي پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ڏنڊ قبول ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment