آمريڪي فارورڊ فولرين بالوگن جي پاڻمرادو هڪ ميچ جي معطلي کي واپس وٺڻ جي فيفا جي فيصلي تي تڪرار تيز ٿي ويو آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ناروي جي فٽبال فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته هو ان معاملي تي فيفا جي اخلاقي ڪميٽي وٽ باضابطه شڪايت داخل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
بوسنيا ۽ هرزيگوينا خلاف ميچ ۾ بالوگن کي سڌو ڳاڙهي ڪارڊ ڏيکاريو ويو، جنهن کيس بيلجيم خلاف پري ڪوارٽر فائنل مان ٻاهر ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مداخلت کانپوءِ فيفا سندس هڪ ميچ جي پابندي کي 12 مهينن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو بيلجيم خلاف کيڏيو پر آمريڪا کي 1-4 تان شڪست آئي.
ناروي جي فٽبال فيڊريشن جي صدر ليز ڪلوينيس موجب ان معاملي کي فيفا پاران ٽرمپ کي ڏنل ’امن انعام‘ بابت اڳ ۾ ئي داخل ڪيل شڪايت ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
ٻئي طرف بيلجيم فٽبال فيڊريشن ۽ يورپي فٽبال آرگنائيزيشن يوفا به فيفا جي فيصلي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته فيفا بيلجيم جي وضاحت جي درخواست کي ناقابل قبول قرار ڏئي ڇڏيو آهي.


