فيفا ورلڊ ڪپ 2026 گذريل ٻن ورلڊ ڪپن جي گڏيل مقابلي کان وڌيڪ مداحن کي متوجه ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ جتي رانديگرن جي ميدان تي رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن، اتي تماشائي به نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي گڏيل ميزباني ۾ هلندڙ ٽورنامينٽ اڳ ۾ ئي تماشائن جي تعداد جي لحاظ کان گذريل ٻن ورلڊ ڪپ جو گڏيل رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

فيفا موجب، پهرين 100 ميچن ۾ ڪل 6,527,410 تماشائن اسٽيڊيمز جو دورو ڪيو آهي، جيڪو روس 2018 ۽ قطر 2022 جي ورلڊ ڪپ جي مجموعي 6,436,200 تماشائن کان وڌيڪ آهي.

روس ورلڊ ڪپ ۾ 30 لک 31 هزار 768 جڏهن ته قطر ورلڊ ڪپ ۾ 34 لک 4 هزار 252 ماڻهن اسٽيڊيم ۾ ميچون ڏٺيون.

ياد رهي ته ٽورنامينٽ ۾ اڃا ٻه سيمي فائنل، ٽئين پوزيشن جي ميچ ۽ فائنل باقي آهي جنهن ۾ لکين تماشين جي شرڪت جو امڪان آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment