ويسٽ انڊيز خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز جي تيارين لاءِ قومي ٽيسٽ اسڪواڊ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهريون ٽريننگ سيشن شروع ڪري ڇڏيو. قومي اسڪواڊ صبح 10 وڳي پريڪٽس شروع ڪئي جيڪا 1 وڳي تائين جاري رهي. ان دوران رانديگرن ويسٽ انڊيز جي دوري کان اڳ بهترين تياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ جي ڀرپور مشق ڪئي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽريننگ سيشن 12 جولاءِ تائين راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري رهندو، جڏهن ته قومي ٽيسٽ اسڪواڊ 10 ۽ 11 جولاءِ تي ٻن ڏينهن واري وارم اپ ميچ ۾ به شرڪت ڪندو، قومي ڪرڪيٽ ٽيم 13 جولاءِ تي ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ رواني ٿيندي، جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ حصو وٺندي.
Source link

ويسٽ انڊيز ٽيسٽ سيريز؛ راولپنڊي ۾ قومي ٽيم جو ٽريننگ ڪيمپ 13 جولاءِ تي شروع ٿيندو
Leave a Comment Leave a Comment

