فيفا ورلڊ ڪپ: سيمي فائنل کان اڳ ارجنٽائن جي نائب صدر جي بيان نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ خلاف اهم ميچ کان اڳ ارجنٽائن جي نائب صدر وڪٽوريا ولارويل سخت بيان ڏنو ۽ انگلينڊ کي قزاقن تي قبضو ڪندڙ قرار ڏنو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ نائب صدر لکيو ته اسان غاصب قزاقن خلاف کيڏي رهيا آهيون، هي رڳو فٽبال ميچ ناهي. هن چيو ته هي مقابلو رڳو راندين تائين محدود ناهي پر ان جو تعلق مالويناس (فاڪلينڊ) ٻيٽن، ڊياگو مارادونا، ليونل ميسي جي آخري ورلڊ ڪپ ۽ قابض قوتن کي روڪڻ سان به آهي. ”ارجنٽائن زنده باد، اسان پنهنجي آخري ساهه تائين پنهنجي حق جو مطالبو ڪندا رهنداسين،“ وڪٽوريا ولارويل شامل ڪيو. سندس بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ارجنٽائن ۽ برطانيا جي وچ ۾ فاڪلينڊ (مالويناس) ٻيٽن جي مالڪي تي تڪرار اڃا به جاري آهي. 1982ع جي فاڪ لينڊ جنگ ۾ ارجنٽائن کي برطانيه هٿان شڪست ملي، جنهن ۾ ارجنٽائن جا 649 ۽ 255 برطانوي فوجي مارجي ويا. نائب صدر جي پيءُ به هن جنگ ۾ حصو ورتو. ٻئي طرف ارجنٽائن جي هيڊ ڪوچ ليونل اسڪالوني ميچ کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو آهي ته اها رڳو فٽبال ميچ آهي، ان سان سياست ۽ تاريخ کي ڳنڍڻ مناسب ناهي. ان دوران ارجنٽائن جي سيڪيورٽي وزير اليجينڊرا مونٽي اوليوا جو چوڻ هو ته ائٽلانٽا ۾ سيمي فائنل دوران مداحن کي اسٽيڊيم ۾ فاڪلينڊ يا مالويناس ٻيٽ سان لاڳاپيل جهنڊا يا ٻيون نشانيون آڻڻ جي اجازت نه هوندي ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کان بچي سگهجي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment