زمبابوي خلاف ناقابل شڪست پهرين اڌ سينچري اسڪور ڪندڙ آل رائونڊر سائره جبن فيوچر اسٽار ايوارڊ کٽي ورتو.
خيبرپختونخواهه جي ضلعي چترال سان تعلق رکندڙ 25 ورهين جي سائره جبين کي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثناءَ پاران خصوصي تقريب ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ان موقعي تي ٽيم جو مينٽر ۽ هيڊ ڪوچ وهاب رياض، ٽيم مئنيجر عائشه اشعر ۽ قومي وومين ڪرڪيٽر پڻ موجود هئا. زمبابوي خلاف سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڊيبيو ڪندڙ سائره جبين ٽئين ميچ ۾ 8 چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي بغير آئوٽ ٿيڻ جي 50 رنسون ٺاهيون.
سائره جبين جو تعلق مشهور ڪيلاش قبيلي سان آهي، لاهور جي ڪينارڊ ڪاليج ۾ پڙهندي آهي، سائره جبين ڊوميسٽڪ وومين ڪرڪيٽ ۾ اسٽرائڪر طور بهترين پرفارم ڪيو آهي، سائره جبين ٽي 20 ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندڙ پاڪستان جي 59هين رانديگر آهي.


