انگلينڊ جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر سارا ٽيلر کي انگلينڊ جي مردن ڪرڪيٽ ٽيم جو فيلڊنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، اها انگلينڊ جي سينيئر مرد ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف ۾ شامل ٿيندڙ پهرين عورت بڻجي وئي آهي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز لاءِ سارا ٽيلر جي مقرري جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ عارضي بنيادن تي ڪردار سنڀاليندي جڏهن ته مستقل فيلڊنگ ڪوچ ڪارل هاپڪنسن هن وقت آئي پي ايل فرنچائز ممبئي انڊينز ۾ مصروف آهي. ساره ٽيلر کي وومين ڪرڪيٽ جي تاريخ جي بهترين وڪيٽ ڪيپرن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي. هن انگلينڊ لاءِ 2006 ۽ 2019 جي وچ ۾ 226 انٽرنيشنل ميچون کيڏيون جڏهن ته 2017 جي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو پڻ حصو رهيو. انگلينڊ جي مردن ڪرڪيٽ ڊائريڪٽر راب ڪي ساره ٽيلر جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجي فيلڊ جي بهترين ڪوچز ۾ شامل آهي ۽ انگلينڊ لائنز سان سندس ڪارڪردگي تمام گهڻي متاثر ڪندڙ رهي آهي. رپورٽن مطابق سارا ٽيلر ان کان اڳ سسڪس مينز ٽيم، مانچسٽر اوريجنلز ۽ انگلينڊ لائنز جي ڪوچنگ ڪري چڪي آهي.
Source link

انگلينڊ جي مردن ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پهرين عورت فيلڊنگ ڪوچ مقرر
Leave a Comment Leave a Comment

