ارجنٽائن جي دنيا جي مشهور فٽبالر ليونل ميسي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي فٽبال ليگ ايم ايل ايس ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ رانديگر جو اعزاز برقرار رکيو آهي، جڏهن ته سندس سالياني پگهار ۾ به وڏو اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب انٽر ميامي جي اسٽار رانديگر ليونل ميسي جي بنيادي سالياني پگهار وڌائي 25 ملين ڊالر ٿي وئي آهي، جڏهن ته بونس ۽ ٻين فائدن سميت سندس ڪل آمدني 28.3 ملين ڊالر في سال ٿي وئي آهي. رپورٽن مطابق ميسي جي نئين تنخواه ليگ جي ٻئين سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ رانديگر جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي آهي. سون هيونگ من فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي جنهن جي سالياني تنخواه 11.2 ملين ڊالر آهي. ايم ايل ايس پليئرز ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ميسي گذريل سال انٽر ميامي سان پنهنجي معاهدي ۾ واڌ ڪئي، جنهن کانپوءِ هو 2028 جي سيزن تائين ڪلب جو حصو رهندو. ميسي، 38، 2023 ۾ انٽر ميامي ۾ شامل ٿيو ۽ ان کان پوء هن ليگ کي مقبوليت ۽ مالي حيثيت ۾ وڌندي ڏٺو آهي. هن ايم ايل ايس ۾ هن وقت تائين 64 ميچن ۾ 59 گول اسڪور ڪيا آهن، جڏهن ته گذريل سيزن ۾ 29 گولن سان کيس ليگ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو هو.
Source link

ليونل ميسي هڪ سال ۾ 28 ملين ڊالر کان وڌيڪ ڪمائي ليگ جو مهانگو رانديگر بڻجي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

