نصير بندا هاڪي اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران سينيئر ۽ جونيئر انڊر 21 قومي هاڪي ٽيمن وچ ۾ انتهائي دلچسپ ۽ سنسني خیز دوستانه ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ سينيئر ٽيم 4-6 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ميچ جي شروعات کان ئي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ڏٺو ويو. ٽئين ڪوارٽر جي پڄاڻي تائين ٻئي ٽيمون 4-4 گولن تي برابر هيون، جڏهن ته چوٿين ۽ فيصلائتي ڪوارٽر ۾ سينيئر ٽيم پنهنجي تجربي جو فائدو وٺندي وڌيڪ 2 گول ڪري ميچ کٽي ورتي. ميچ جي خاص ڳالهه جونيئر انڊر 21 هاڪي ٽيم جي شاندار ۽ قابل تعريف ڪارڪردگي هئي. نوجوان رانديگرن سينيئر ٽيم خلاف شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جنهن تي اسٽيڊيم ۾ موجود هاڪي شائقين سندن شاندار آجيان ڪئي ۽ سندن ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو صدر محي الدين احمد واني ۽ انٽرنيشنل ڪوچنگ اسٽاف پڻ موجود هو، جن ٻنهي ٽيمن جي ڪارڪردگي جو ويجهي کان جائزو ورتو ۽ نوجوان رانديگرن جي جذبي ۽ صلاحيتن کي ساراهيو.
Source link

اسلام آباد: سينيئر ۽ جونيئر انڊر 21 هاڪي ٽيمن وچ ۾ مقابلو، سينيئر ٽيم کٽي ورتي
Leave a Comment Leave a Comment

