باڪسر عامر خان عورت وڪيل خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اڳوڻي عالمي چيمپيئن پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان عورت وڪيل خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

وڪيل فريال حسين 2023 ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ عامر خان ۽ سندس گهرواري تي الزام هنيا هئا، پر ٻنهي انهن الزامن کي بدنيتي وارو قرار ڏئي رد ڪيو هو.

هاڻي عامر خان ۽ سندس گهرواري وڪيل فريال حسين خلاف هڪ لک پائونڊ هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب وڪيل فريال حسين لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ 21 صفحن تي ٻڌل دفاعي دستاويز جمع ڪرايا.

برطانوي ميڊيا موجب دفاعي دستاويزن ۾ باڪسر عامر خان تي سندس زال سان گڏ ڌمڪيون ڏيڻ جو الزام به لڳايو ويو آهي.

دستاويزن ۾ عامر خان تي سوشل ميڊيا ذريعي هڪ عورت کي نامناسب پيغام موڪلڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب فريال حسين عامر خان تي عورت سان مبينا جنسي تعلق جي ڳجهي وڊيو ٺاهڻ جو به الزام لڳايو آهي.

اڳوڻو عالمي چيمپيئن هاڻي عدالت ۾ الزامن کي منهن ڏيندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment