پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ لاهور قلندرز 200 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. لاهور قلندرز طرفان فخر زمان 58 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڊينيئل سمز 35 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ٻين بيٽسمينن ۾ چيراٿ اسلانڪا طرفان 33، سڪندر رضا 29، عبدالله شفيق 25 ۽ محمد نعيم 10 رنسون ٺاهيون. زلمي طرفان خرم شهزاد، افتخار احمد، سفيان مقيم ۽ علي رضا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ لاهور قلندرز جي دعوت تي پشاور زلمي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهيون. زلمي طرفان مائيڪل بريس ويل 83 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ڪپتان بابر اعظم 59، جيمز ونس 10 ۽ ڪوشل مينڊس 7 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته افتخار احمد 27 ۽ عبدالصمد 4 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ پويلين موٽيا. قلندرز طرفان ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف 2، 2 وڪيٽون ورتيون.
Source link

پي ايس ايل 11: لاهور قلندرز پشاور زلمي کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
Leave a Comment Leave a Comment

